ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ لاءِ هيٽ ويو جو هنگامي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سڄي صوبي ۾ سخت ۽ موتمار گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران اڪثر ضلعن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو.
سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ گرمي پد 47 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو. گرمي سبب صوبي ۾ بجلي جي طلب ۽ کپت ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي جنهن سان پاور سپلائي تي دٻاءُ وڌندو.
ٻئي طرف، گرمي سٽيل شهرين لاءِ سٺي خبر اها آهي ته پهرين جون کان قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ هلڪي کان وچولي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سان گرمي جو زور ٽٽي پوندو.
صحت جي ماهرن شهرين کي ضرورت کانسواءِ ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي هيٽ اسٽروڪ جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

سنڌ ۾ هيٽ ويو جو الرٽ، سڀاڻي کان ڪجهه ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي
Leave a Comment Leave a Comment

