نوشهروفيروز ( رپورٽ-عادل عباسي) محرابپور جي بلال ڪالوني مان هڪ عورت جو گهر اندر ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي. مقتول عورت جي سڃاڻپ سميره بي بي ڌيءَ الياس ۽ زال عمران خان طور ٿي آهي. پوليس موجب مقتول عورت ٽن ٻارڙن جي ماءُ هئي، جيڪي ساڻس گڏ گهر ۾ رهندا هئا۔
واقعي بابت اطلاع مقتول عورت جي والد الياس محرابپور پوليس کي ڏنو، جنهن بعد ايس ايڇ او محرابپور راجا نويد سرفراز نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو۔
ايس ايڇ او محرابپور ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته صبح سوير اطلاع ملندي ئي پوليس بروقت پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ محرابپور اسپتال منتقل ڪيو۔ هن چيو ته قتل جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ بعد ئي حقيقتون سامهون اچي سگهنديون۔
پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔


