ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ سڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن خلاف آپريشن العزم جاري آهي، جنهن دوران مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 13 ٿي ويو آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل ڪارروائي دوران دهشتگردن کي وڏو نقصان پهچايو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا، بارود ۽ بم ٺاهڻ جو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو.
سڪيورٽي فورسز موجب بلوچستان ۾ امن امان جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي تائين انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون جاري رهنديون، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن پڻ جاري آهي.


