مشهور هيوي بائيڪ رائيڊر ڪومل جان جو لاش درياهه مان هٿ

1 Min Read

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) مشهور عورت هيوي بائيڪ رائيڊر ۽ ڪنٽينٽ ڪريئيٽر ڪومل جان جو لاش راولپنڊي ۾ سوان درياهه مان هٿ آيو آهي.

پوليس موجب ڪومل جان جي موت بابت في الحال حادثي ۽ آپگهات سميت مختلف پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي جي حتمي سبب بابت جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي.

ڪومل جان هيوي بائيڪ تي سفر بابت وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي هئي. هوءَ ڪنٽينٽ ڪريئيٽر هجڻ سان گڏ اليڪشن ڪميشن ۾ پڻ ملازمت ڪندي هئي.

پوليس موجب وارثن قانوني ڪارروائي نه ڪرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، تنهن هوندي به ضابطي موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو.

پوليس پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ٻين شاهدين جي بنياد تي واقعي جي نوعيت ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment