مقرر وقت تي فيصلو نه ٿيو ته ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو: وفاقي آئيني عدالت

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وفاقي آئيني عدالت ڪيترن ئي مهينن تائين عدالتي فيصلا محفوظ رکڻ ۽ فيصلن جَي وقت کان اڳ ليڪ ٿيڻ بابت وڏو فيصلو ٻڌائي قرار ڏنو آهي ته مقرر وقت تي فيصلو نه ٿيڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

جسٽس عامر فاروق پاران لکيل 7 صفحن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مقرر مدت اندر فيصلو نه ٻڌائڻ قانون جي خلاف ورزي آهي، هاءِ ڪورٽس محفوظ ڪيل فيصلو 90 ڏينهن اندر ٻڌائڻ جون پابند آهن، جيڪڏهن فيصلو ان عرصي کانپوءِ ٻڌايو ويو ته ان کي صرف دير جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو.

عدالتي فيصلي موجب جيڪڏهن بينچ جو ڪو ميمبر وقت کان اڳ فيصلو يا ان جا نقطا ليڪ ڪري ٿو ته اها رولز جي خلاف ورزي آهي. اهڙي صورت ۾ بينچ جو سربراهه ڪيس جي  نئين سر ٻڌڻي جو حڪم ڏئي سگهي ٿو.

عدالت چيو ته ڪجهه وقت کان فيصلا محفوظ ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري فريادي پنهنجي حقن لاءِ ڊگهو انتظار ڪن ٿا، انصاف جي بروقت فراهمي هر صورت ۾ ضروري آهي.

عدالت هن فيصلي جون ڪاپيون سمورن هاءِ ڪورٽن کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن ان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

هي فيصلو پاڪستان شپنگ ڪارپوريشن جي پنشن واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 10 مهينا دير سان آيل فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جون ڪجهه آبزرويشنز به ختم ڪري ڇڏيون آهن.

Share This Article
Leave a Comment