ملير(شاهد ڇڄڙو) جشنِ آزادي جي موقعي تي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري ملير جيل پهچي ويو، جتي جيل کاتي جي اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي.
آءِ جي جيل فدا مستوئي، ڊي آءِ جي جيل اسلم ملڪ ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ ملير فهيم انور ميمڻ صوبائي وزير جي آجيان ڪئي.
ان موقعي تي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي مناسبت سان قومي جهنڊو ڦڙڪايو، جڏهن ته شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.
تقريب دوران صوبائي وزير جشنِ آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ جيل انتظاميا، عملي ۽ قيدين سميت سموري قوم کي 79هين جشنِ آزادي جون واڌايون ڏنيون.
صوبائي وزير پاران قيدين ۾ مٺائي پڻ ورهائي وئي.
تقريب دوران پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.


