ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 79هين جشنِ آزادي جون تقريبون ڪوٺائي قومي جهنڊا ڦڙڪائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا.
ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهرجي سنڌ يوٿ ڪلب ۾ ٻن ڏينهن واري اسپورٽس گالا جي شروعات پرچم ڪشائي ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ سان ڪئي وئي، جنهن ۾ پارلياماني سيڪريٽري صائمه آغا ۽ ڊائريڪٽر اسد اسحاق شرڪت ڪئي، جڏهن ته مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويا.
حيدرآباد جي سيڊا آفيس ۾ جشنِ آزادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو شرڪت ڪئي، جتي هن قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ پاڪستان جي 79هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.
سکر۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ڪمشنر عابد سليم قريشي پاران واڪنگ ٽريڪ تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، جنهن ۾ پاڪ فوج، نيوي، ايئر فورس ۽ پوليس آفيسرن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.
لاڙڪاڻي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ضلعي انتظاميا پاران مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ جشنِ آزادي جون تقريبون قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايون ويون.
دادو پوليس هيڊڪوارٽر ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پير مجيب الحق، ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضيٰ علي شاهه ۽ ايس ايس پي دادو سميت ضلعي انتظاميا ۽ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب دوران پرچم ڪشائي، ڪيڪ ڪاٽڻ، شهيدن کي ڀيٽا ۽ وڻڪاري ڪئي وئي، جڏهن ته ضلعي ۾ 120 ريليون ڪڍيون پيون وڃن.
نوشهروفيروز جي ڊي سي آفيس جي سيد علي احمد شاهه پارڪ ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلام سليم، ايس ايس پي مير روحل کوسو ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين سهيل اختر عباسي قومي پرچم ڦڙڪايو.
مورو ميونسپل ڪاميٽي ۾ چيئرمين نذير احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پرچم ڪشائي ڪئي وئي، جڏهن ته جشنِ آزادي جي موقعي تي شاندار ملھ پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين آفيس ۾ سيد غلام مرتضيٰ شاهه قومي جهنڊو ڦڙڪايو، جڏهن ته ڊي ايس پي جاويد احمد لاکير ۽ ٻين آفيسرن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
شڪارپور ميونسپل آفيس ۾ ڊي سي شڪيل ابڙو، ميونسپل چيئرمين فياض محمود شيخ، اي ايس پي آصف کرل ۽ ڊسٽرڪٽ چيئرمين سردار ذوالفقار ڪماريو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون.
ٽنڊوالهيار۾ ڊپٽي ڪمشنر نور مصطفيٰ لغاري، ايس ايس پي سيد سليم شاهه ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين مير سهيل پپو ٽالپر قومي پرچم ڦڙڪايو، جڏهن ته ضلعي جي مختلف ٽائون ڪميٽين ۾ پڻ جشنِ آزادي جون تقريبون منعقد ڪيون ويون.
تلهار ٽائون ڪميٽي ۾ ٽائون چيئرمين مير عبدالعزيز جمالي، اسسٽنٽ ڪمشنر جهامن داس سونارو ۽ ٻين قومي جهنڊي کي سلامي ڏني، جڏهن ته پوليس پاران پريڊ جو مظاهرو ڪيو ويو.
هالا۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نصير احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جشنِ آزادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي ۾ چيئرمين زنوار گل محمد پنھور ۽ چيف ميونسپل آفيسر سيد محسن شاهه قومي جهنڊو ڦڙڪايو.
خيرپورجي گورنمينٽ ناز پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ ۽ ايس ايس پي امير سعود مگسي سميت آفيسرن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب دوران قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، وڻ پوکيا ويا ۽ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا.
سيوهڻ جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول ۾ جشنِ آزادي جون تقريبون ۽ ريليون منعقد ڪيون ويون، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر بابر علي بلوچ، مختيارڪار سيد عابد علي شاهه ۽ ڊي ايس پي فراز ميتلو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ سب جيل ۾ قيدين ۾ مٺائي ورهائي وئي.
سيوهڻ جي گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس ڊگري ڪاليج سيوھڻ ۽ بوائز هاء اسڪول سيوهڻ ۾ آزادي واري ڏهاڙي جون تقريبون ۽ ريليون منعقد ڪيون ويون.
ڄامشورو ۾ مک تقريب ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڄامشورو ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري قومي جهنڊو ڦڙڪايو.
ان موقعي تي ضلعي انتظاميا جا آفيسر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون بابر خان نظاماڻي، ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
قومي جهنڊي جي ڦڙڪائڻ کان پوءِ پوليس جي دستي سلامي پيش ۽ شاندار پريڊ ڪئي. ان موقعي تي ٻوٽا پڻ پوکيا ويا.


