اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري مختلف هاءِ ڪورٽن لاءِ ايڊيشنل ججن جي مقرري سان گڏ ڪجهه ايڊيشنل ججن کي مستقل جج بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايوانِ صدر جي پڌرائي موجب، صدر آصف علي زرداري لاهور، سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽن ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏني.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن ۾ به ايڊيشنل ججن جي مقرري منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽن جي ڪجهه ايڊيشنل ججن جي مستقل ججن طور توثيق جي به منظوري ڏني وئي.
صدرِ مملڪت سپريم ڪورٽ جي ججن جي پگهارن، الائونسز ۽ پينشن کي وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي برابر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي موڪلن، پينشن ۽ ٻين سهولتن بابت 1997ع جي حڪم ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏني وئي.
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري هارون اختر کي وزيراعظم جو صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي.


