اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ وسڪاري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪشمير، خيبرپختونخوا، اتر ۽ اوڀر پنجاب، گلگت بلتستان ۽ اتر ۽ اوڀر بلوچستان جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برسات جو امڪان آهي.
صبح جي رڪارڊ مطابق اسلام آباد ۽ مظفرآباد ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 22 ڊگري سينٽي گريڊ، لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽه ۾ 27، ڪراچي ۾ 30، گلگت ۾ 23 ۽ مري ۾ 17 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.


