ڪراچي ۾ سينيٽ جي اقليتي حقن بابت قائم ڪميٽي جو اجلاس، پريا ڪماري ڪيس تي تفصيلي بحث

3 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اقليتي برادرين جي آئيني حقن جي تحفظ لاءِ قائم سينيٽ جي 16 رڪني قائمه ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس جا اعليٰ عملدار، سياسي اڳواڻ ۽ اقليتي برادري سان لاڳاپيل شخصيتون شريڪ ٿيون.

اجلاس جي صدارت سينيٽر ڌنيش ڪمار ڪئي، جڏهن ته پوليس اختيارين اقليتن کي پيش ايندڙ مسئلن، اغوا ٿيل هندن برادري جي ماڻهن جي بازيابي لاءِ کنيل قدمن ۽ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ پريا ڪماري جي اڃا تائين بازياب نه ٿيڻ واري معاملي تي به تفصيلي بريفنگ پيش ڪئي وئي.

ڪميٽي جي چيئرمين چيف سيڪريٽري سنڌ جي اجلاس ۾ غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سيڪريٽري ايس اينڊ جي اي ڊي پاران وضاحتون پيش ڪيون ويون ۽ ايندڙ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري جي شرڪت يقيني بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي ناصر آفتاب اجلاس کي ٻڌايو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، جڏهن ته ضلعي ڪشمور ۾ ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ اقليتي برادري جو ڪو به اغوا جو واقعو رپورٽ ناهي ٿيو.

اجلاس دوران پريا ڪماري ڪيس تي سوال جواب جو سلسلو جاري رهيو. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب چيو ته راحب شر کان سخت جاچ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فريد ميراڻي ۽ سندس ڀاءَ مقابلي ۾ ماريا ويا، پر پريا بابت ڪا به حتمي معلومات حاصل نه ٿي سگهي.

سينيٽر ڌنيش ڪمار سوال ڪيو ته جڏهن ٻين ڪيسن ۾ تيزي سان اڳڀرائي ٿي آهي ته پريا ڪماري اڃا تائين ڇو بازياب ناهي ٿي سگهي. هن وفاقي ادارن کان سهڪار وٺڻ ۽ بااثر شخصيتن بابت شفاف جاچ جو به مطالبو ڪيو.

ڊي آءِ جي ناصر آفتاب جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا به معلومات آهي ته فراهم ڪئي وڃي، ته جيئن جاچ کي اڳتي وڌائي سگهجي.

اجلاس ۾ سينيٽر پونجو مل ڀيل، ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار، ايم پي اي روما مشتاق مٽو ۽ ٻين ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن اقليتن جي تحفظ، امن امان ۽ پريا ڪماري ڪيس تي مختلف خدشن جو اظهار ڪيو.

سينيٽر ڌنيش ڪمار پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ته پريا ڪماري ڪيس کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌايو وڃي ۽ هر ممڪن ذريعن کي استعمال ڪري جلد اڳڀرائي يقيني بڻائي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment