اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي سان ملاقات کانپوءِ متحده اپوزيشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي جي چيمبر ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل پارلياماني ڪردار ۽ اپوزيشن جماعتن کي متحد ڪرڻ بابت مشاورت ڪئي وئي.
ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊرن سان مشاورت ٿي چڪي آهي ۽ اصولي طور تي اتفاق ٿيو آهي ته متحده اپوزيشن ڏانهن وڌڻ گهرجي.
هن چيو ته اپوزيشن جماعتون پارليامينٽ ۾ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون، جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ مشاورت ۽ ملاقاتون جاري رهنديون.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اميد آهي ته اها شروعات اڳتي هلي بهتر نتيجا ڏيندي ۽ اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس لاءِ به ماحول پيدا ٿيندو.
صحافي پاران پڇيل سوال تي ته ڇا پاڪستان پيپلزپارٽي کي به متحده اپوزيشن ۾ شامل ڪيو ويندو، مولانا فضل الرحمان چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت ۾ آهي.
ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان سان گڏ ڪامران مرتضيٰ ۽ مولانا واسع، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي سان اخوندزاده حسين يوسفزئي ۽ اسد قيصر پڻ موجود هئا.
ٻئي طرف ساڳئي ڏينهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن چيمبر ۾ محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پارلياماني ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.


