اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پي ٽي اي ۽ گوگل وچ ۾ ٻارن جي آن لائين تحفظ، ڊجيٽل آگاهي ۽ انٽرنيٽ جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
پي ٽي اي موجب، معاهدي تحت ٻارن، والدين، استادن ۽ سنڀاليندڙن لاءِ چائلڊ سيفٽي پروگرام شروع ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد ڊجيٽل دنيا ۾ ٻارن کي محفوظ رکڻ لاءِ آگاهي، تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ آهي.
پروگرام تحت انگريزي سان گڏ مقامي ٻولين ۾ آگاهي وارو مواد تيار ڪيو ويندو، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ تربيتي پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا.
ان کان علاوه ملڪ گير مهم ذريعي لکين خاندانن تائين آن لائين تحفظ بابت مقامي سطح تي تيار ڪيل وسيلا ۽ تربيتون پهچائڻ جو منصوبو پڻ شامل آهي.
ان موقعي تي پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان چيو ته وڌندڙ ڊجيٽل ماحول ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي سهڪار جي ضرورت آهي.
پي ٽي اي جي ميمبر ڪمپلائنس اينڊ انفورسمنٽ ڊاڪٽر خاور صديق کوکر ڊجيٽل خواندگي ۽ آن لائين پليٽ فارمن جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته هي سهڪار والدين ۽ استادن کي بااختيار بڻائڻ، ڊجيٽل آگاهي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ ٻارن ۽ خاندانن لاءِ وڌيڪ محفوظ آن لائين ماحول پيدا ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار آهي.
هوڏانهن گوگل پاران هن ئي هفتي اسلام آباد ۾ پنهنجو پهريون آفيس کولڻ کي پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي ۽ ملڪ جي وڌندڙ ڊجيٽل معيشت تي اعتماد جي اهم نشاني قرار ڏنو پيو وڃي.


