لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي ڊفينس واري علائقي ۾ ٻن پرڏيهي عورتن جي مبينا اغوا ۽ اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي ٽن جوابدارن جو ڊي اين اي متاثر عورت جي نمونن سان ميچ ٿي ويو آهي.
جاچ ذريعن موجب ڊي اين اي ميچ ٿيل جوابدارن ۾ نواز نالي جوابدار سرِفهرست آهي، جنهن بابت الزام آهي ته هن سڀ کان پهرين پرڏيهي عورت سان زيادتي ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس چوڻ تي ٻين جوابدارن به مبينا طور عورت سان زيادتي ڪئي.
ذريعن موجب پوليس 8 جوابدارن جا ڊي اين اي سيمپل فارنزڪ ليبارٽري موڪليا هئا، جڏهن ته باقي جوابدارن جي ڊي اين اي نمونن جو تجزيو اڃا جاري آهي.
ٻئي طرف اغوا ڪندڙن جي گاڏي سان ٽڪرائجي متاثر ٿيل ڪار جي مالڪ به ڌار ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.
ايف آءِ آر موجب هو ايئرپورٽ روڊ تان گذري رهيو هو ته هڪ تيز رفتار گاڏي سندس ڪار کي ٽڪر هڻي فرار ٿي وئي، جنهن سبب ڪار کي لڳ ڀڳ 3 لک رپين جو نقصان پهتو.
پوليس موجب ون فائيو تي اطلاع ملڻ بعد اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا، جتي حادثي کان پوءِ پرڏيهي عورتن گاڏي مان لهي ويجهو هڪ دڪان ۾ وڃي پناهه ورتي هئي.
هوڏانهن ٻن پرڏيهي عورتن سان اغوا ۽ زيادتي واري ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڊفينس سي فرياد علي عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.
سيشن ڪورٽ لاهور کيس 10 جولاءِ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت پوليس کان جواب طلب ڪندي ايس ايڇ او کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.


