ميرپورخاص ۾ جهيڙو ڪيس، 8 جوابدارن جي ضمانت منظور

2 Min Read

ميرپورخاص ( رپورٽ: امجد خاصخيلي) ميرپورخاص ۾ ٽي ڏينهن اڳ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي ڪيس ۾ نامزد 8 جوابدارن جي ضمانت منظور، ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

ميرپورخاص جي سيٽلائيٽ ٿاڻي جي حد ڪاڪ بنگلي واري علائقي ۾ ٽي ڏينهن اڳ پراڻي تڪرار سبب ٿيل جهيڙي جو ڪيس سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي حنيف راجپوت جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا نامزد آهن.

ڪيس ۾ نامزد عليان، جان محمد، خان محمد، احمد خان، فيضان، قاسم، مير محمد راجپوت ۽ مسمات ياسمين جي ضمانت قبل از گرفتاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت 30،30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي آهي.

جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد گرفتار جوابدار عورت رشيدن کي ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ فيملي ڪورٽ 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي حيدرآباد وومين جيل اماڻي ڇڏيو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيس جي وڪيل جاويد صديقي چيو ته فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڪيس ۾ نامزد اٺن جوابدارن جي ستن ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيس ۾ نامزد جوابدار جان محمد راجپوت چيو ته منهنجي 70 ورهين جي والده رشيدن کي بيگناهه هوندي به ڪيس ۾ نامزد ڪري پوليس گرفتار ڪيو، جيڪا اسان سان ناانصافي آهي ۽ ائين نه ٿيڻ گهرجي ها.

هن چيو ته سندس والده جي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي ۽ اميد آهي ته جلد سندس ضمانت منظور ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس کان اپيل آهي ته معاملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment