ميرپورخاص: (رپورٽ: امجد خاصخيلي) سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد رنگ روڊ تي ڪراچي کان عمرڪوٽ ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪوچ جو ڊرائيور محبوب آريسر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 14 مسافر زخمي ٿي پيا.
حادثي کان پوءِ پويان ايندڙ هڪ چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل سوار به ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويا، جنهن سبب علائقي ۾ افراتفري پکڙجي وئي.
اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي فوتي ۽ زخمين کي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو.
ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ موجب ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پوليس حادثي جي سببن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فوتي ڊرائيور جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

ميرپورخاص ۾ ٽرڪ ۽ مسافر ڪوچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، ڊرائيور فوت، 14 زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

