ميرپورماٿيلو (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) پاران سنڌ مان منشيات جي خاتمي، سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي فراهمي ۽ بند پيل اسڪولن کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن ۽ شهرين ڀرپور شرڪت ڪئي.
ريلي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته منشيات نوجوان نسل کي تباهه ڪري رهي آهي ۽ صحت توڙي تعليم جهڙا بنيادي شعبا بدحالي جو شڪار آهن، جنهن ڪري عوام سخت پريشان آهي.
هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي عوامي مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ميرپورماٿيلو: منشيات جي خاتمي، صحت ۽ تعليم جي بهتري لاءِ ايس ٽي پي جي احتجاجي ريلي
Leave a Comment Leave a Comment

