ڪراچي: قادر پٽيل جي آفيس تي فائرنگ، ڪو جاني نقصان نه ٿيو

1 Min Read

ڪراچي جي ڪلفٽن بلاڪ 9 ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي قادر پٽيل جي آفيس تي فائرنگ ڪئي وئي.

پوليس موجب ڪار ۾ سوار جوابدار آفيس جي دروازي تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته آفيس جي دروازي تي گوليون لڳيون.

پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول جا 5 خول هٿ ڪيا ويا آهن. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment