ميڊيا ورڪرز جي جبري برطرفي، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي مذمت

2 Min Read

ڪراچي ( پ ر )  ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ جاري جبري برطرفين ۽ صحافين کي پگهارون نه ملڻ واري صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

ڪي يو جي جي صدر اعجاز احمد، جنرل سيڪريٽري لبنيٰ جرار نقوي ۽ ٻين عهديدارن چيو آهي ته ملڪ جي مختلف ميڊيا ادارن مان روزانو برطرفين ۽ پگهارن جي عدم ادائيگي جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.

 هنن ٻڌايو ته تازو روهي ٽي وي ملتان جي 36 ملازمن کي اوچتو برطرف ڪري آفيس بند ڪئي وئي، جڏهن ته نيوز ون، لاهور نيوز، 365 نيوز ۽ نائينٽي ٽو نيوز ۾ به ملازمن کي برطرف ڪرڻ يا نوٽيس جاري ڪرڻ جون رپورٽون آهن.

ڪي يو جي موجب، 2026ع دوران هينئر تائين 270 کان وڌيڪ صحافي ۽ ميڊيا ورڪر بيروزگار ٿي چڪا آهن.

يونين مطالبو ڪيو آهي ته جبري برطرفين ۽ تنخواهن جي عدم ادائيگي جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪو ادارو بند ڪيو وڃي يا بيورو ختم ڪيو وڃي ته متاثر ملازمن کي قانون موجب ٽن مهينن جي نوٽيس پيريڊ جي تنخواه ادا ڪئي وڃي.

ڪي يو جي وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات ۽  اطلاعات کاتي جي صوبائي وزيرن مطالبو ڪيو آهي ته صحافين جي معاشي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، سرڪاري اشتهارن جو آڊٽ ڪرايو وڃي ۽ اشتهار حاصل ڪرڻ باوجود ملازمن کي تنخواهون نه ڏيندڙ ميڊيا مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment