دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل جاري رهندو: ضياءَ لنجار

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار  چيو آهي ته سنڌ حڪومت دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل جاري رکندي ۽ سنڌ ۾ امن دشمن عنصرن لاءِ ڪا به جاءِ نه هوندي.

گهرو وزير ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) سنڌ جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو، جتي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سندس آجيان ڪئي.

دوري دوران ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي غلام اظفر مهيسر گهرو وزير کي دهشتگردي خلاف جاري انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز، اداري جي ڪارڪردگي، مستقبل جي حڪمت عملي ۽ درپيش چئلينجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي آپريشنز ۽ ٻين سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ جديد ٽيڪنالاجي، انٽيليجنس شيئرنگ، فرانزڪ سهولتن ۽ وفاقي ادارن سان گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي غور ڪيو ويو.

گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سي ٽي ڊي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سي ٽي ڊي سنڌ جو اهم مورچو آهي ۽ حڪومت اداري کي جديد هٿيار، ٽيڪنالاجي، انٽيليجنس ۽ فرانزڪ سهولتون فراهم ڪندي ته جيئن دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ مالي مددگارن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز بڻائي سگهجن.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل جاري رکندي ۽ سنڌ ۾ امن دشمن عنصرن لاءِ ڪا به جاءِ نه هوندي.

ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته سنڌ پوليس دهشتگردي خلاف هر محاذ تي مڪمل عزم سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ وفاقي حساس ادارن سان مؤثر رابطن، جديد انٽيليجنس، سائنسي جاچ ۽ فرانزڪ سهولتن جي مدد سان دهشتگرد نيٽ ورڪن خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن.

Share This Article
Leave a Comment