Focus with Zardari

خيرپور: گهٽي جي لنگهه تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي

1 Min Read

خيرپور (شڪيل جانوري) خيرپور ڀرسان ڳوٺ متو بڙدي ۾ گهٽي جي لنگهه واري تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جهيڙي دوران ڏنڊن ۽ سروٽن جا وار لڳڻ سبب نازيا خاتون، دادن خاتون، مجاهد خاتون، ساجن بڙدي، سڄڻ، محمد نواز، جميل بڙدي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو.

وڏي ڀاءُ ساجن بڙدي الزام هنيو ته سندس ننڍي ڀاءُ جميل بڙدي ۽ ٻين ماڻهن گهٽي جي لنگهه واري معاملي تان سندن گهر تي حملو ڪري امڙ ۽ ٻين گهرڀاتين کي زخمي ڪيو.

ساجن بڙدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته بااثر ماڻهن سندن ڀائرن ۾ اختلاف پيدا ڪري کين ويڙهايو آهي.

- Advertisement -

هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment