نقيب الله قتل ڪيس: اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار خلاف ڪيس ۾ اڳڀرائي

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جوابدارن جي بريت خلاف داخل اپيلن جي ٻڌڻي اونهاري جي موڪلن تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، جتي مقتول نقيب الله جي پٽ عاطف عدالت ۾ پنهنجو بيان حلفي جمع ڪرائي ڇڏيو.
حلفي بيان ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته واقعي وقت هو گهٽ عمر هو ۽ سندس والده سماجي روايتن سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي، جنهن ڪري ڏاڏي جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس چاچي (نقيب الله جي ڀاءُ) پاران اهي اپيلون داخل ڪيون ويون آهن.
ياد رهي ته رائو انوار ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيلن اعتراض اٿاريو هو ته مقتول جي ڀاءُ کي اپيل داخل ڪرڻ جو قانوني حق ناهي.
ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار ۽ ٻين کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو هو، جنهن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن.

Share This Article
Leave a Comment