نوشهروفيروز (رپورٽر) محراب پور جي بلال ڪالوني مان هڪ 29 ورهين جي عورت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي.
پوليس موجب مقتول عورت جي سڃاڻپ عمران آرائين جي گهرواريءَ طور ٿي آهي.
شروعاتي ڄاڻ موجب، عورت جو مڙس ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي، جڏهن ته عورت پنهنجي ٻارن سان گڏ گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ معاملي جي سڀني رخن کان جاچ شروع ڪري ڏني آهي ته عورت کي ڪهڙن ڪارڻن تحت ۽ ڪنهن قتل ڪيو آهي.

نوشهروفيروز: 29 ورهين جي شادي شده عورت ڳلو ڪپي قتل
Leave a Comment Leave a Comment

