مري ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ پهريون ڀيرو پيدا ٿيل موجوده ماحول اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي، ماضي جي حڪومتن پنهنجو فرض صحيح نموني ادا نه ڪيو، هاڻي پنجاب وانگر آزاد ڪشمير کي به تبديل ڪنداسين.
مري ۾ مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عوام جي اعتماد کي ٽوڙڻ جي هاڻي ڪا گنجائش ناهي، جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۾ عوام کي ڊليور نه ڪيو ويو ته ماڻهو ناراض ٿيندا.
هن چيو ته ماضي ۾ آزاد ڪشمير جون حڪومتون عوامي اميدن تي پورو نه لهي سگهيون، آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي مسلم ليگ ن جي ترجيح آهي ۽ عوام پنجاب ڏانهن ڏسي رهيو آهي. آزاد ڪشمير لاءِ وڌ کان وڌ فنڊز فراهم ڪرڻ گهرجن ۽ جيڪي واعدا ڪيا آهن، انهن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
نواز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ روڊ ۽ اسپتال تعمير ٿيڻ گهرجن، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. آزاد ڪشمير جي شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس، جڏهن ته آبادگارن کي به ڪسان ڪارڊ فراهم ڪيو وڃي.
ن ليگ صدر چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙن کي مبارڪباد ۽ شڪست کائيندڙ اميدوارن کي به شاباش ڏيان ٿو، جڏهن ته ڪجهه شڪايتون سامهون آيون آهن، جن تي کيس افسوس ٿيو.
هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ۽ اميد نه هئي ته پيپلزپارٽي طرفان شڪايت جو موقعو ملندو. سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي، آزاد ڪشمير جو ماحول هميشه بهتر رهيو آهي، ان ۾ اهڙا عنصر داخل ٿيڻ سٺو سنئوڻ ناهي.
نواز شريف چيو ته کيس پنهنجي ڪجهه ساٿين جي شڪست جو تمام گهڻو ڏک ٿيو، سندن هار جا سبب ڳولڻ گهرجن. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرين ٻن مرحلن ۾ مسلم ليگ ن کي اڪثريت ملي چڪي آهي ۽ حوصلو نه هارڻ گهرجي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جڏهن هو وزيراعظم هو ته ڊالر 100 رپين جو هو، ان کان پوءِ ڊالر ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو. سندس چوڻ هو ته هڪ اڳوڻي حڪومت پاران لڳايل سمورا نعرا بيڪار ثابت ٿيا ۽ انهن تي عمل نه ٿيو.
نواز شريف وڌيڪ چيو ته جڏهن شهباز شريف حڪومت سنڀالي ته ملڪ جون حالتون تمام خراب هيون، پر هاڻي حالتون آهستي آهستي بهتر ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. حڪومت ملڪ کي معاشي طور خودمختيار بڻائڻ ۽ آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.


