نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز جي نيشنل هاءِ وي تي ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ شڪارپور واسي عبدالرزاق بروهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
ريسڪيو ٽيم لاش کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو.
فوتي جي سڃاڻپ پي پي ايم پي اي ممتاز چانڊيو جي ڊرائيور طور ٿي.
پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور حادثي بعد فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

نوشهروفيروز: نيشنل هاءِ وي تي حادثي ۾ پي پي ايم پي اي ممتاز چانڊيو جو ڊرائيور فوت
Leave a Comment Leave a Comment

