نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) ايس ايس پي آفيس سامهون نيشنل هاءِ وي تي وين روڊ ڪراس ڪندڙ ٻن سڳن سوٽن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ مهتاب علي لاڙائي ٿڏي تي فوت ۽ سعيد علي لاڙائي سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي کي نوابشاهه ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن روڊ جو هڪ پاسو بند هجڻ سبب حادثن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ۽ روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ٻي صورت ۾ ڌرڻي ۽ سخت احتجاج جي ڌمڪي ڏني.


