خيرپور ۾ ڳورهاري عورت کي کڻي ويندڙ ايمبولينس تي ڦر جي نيت سان فائرنگ

1 Min Read

خيرپور: (شڪيل جانوري) احمدپور – پيرڳوٺ لنڪ روڊ تي هٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙن کان ڦر لٽ ڪئي، جڏهن ته ويم لاءِ عورت کي خيرپور کڻي ويندڙ ايمبولينس به روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ڊرائيور عمران پيرزادي گاڏي ريوس ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن سبب مريض عورت عظما ميتلو جي حالت وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي وئي.

پوليس دير سان پهتي، جنهن کانپوءِ عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment