نوشهروفيروز: ڀائرن جي مبينا ظلم خلاف بيواهه عورت جو احتجاج، تحفظ ۽ انصاف جي اپيل

1 Min Read

نوشهرو فيروز(محمد عادل عباسي) مٺياڻي واسڻ شمل، بيوه محمد مٺل ملڪ، پنهنجي ڀائرن خلاف مبينا ظلم ۽ ڌمڪين خلاف نيشنل پريس ڪلب نوشهرو فيروز پهچي احتجاج ڪيو ۽ اعليٰ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي شمل ملڪ دانهيندي چيو ته هوءَ پنهنجي گهر ۾ رهندي آهي ۽ گهر سندس نالي تي رجسٽرڊ آهي، ان معاملي بابت عدالت ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهي، ان باوجود سندس ڀائر روزانو هٿياربند ماڻهن سان گڏ اچي مٿس تشدد ڪن ٿا ۽ گهر خالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهن ٿا.

شمل دعويٰ ڪئي ته سندس ڀائر پاڻ کي وزيراعظم سيڪريٽريٽ اسلام آباد جا آفيسر ظاهر ڪندي چون ٿا ته جيڪڏهن هن ڪنهن اداري يا پوليس وٽ شڪايت ڪئي ته کيس سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

شمل ملڪ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ سندس جان ۽ ملڪيت جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment