جلال پور ڪينال تي اعتراض برقرار، گم ٿيل ٻارن جي والدين کي اپيل ته قانون هٿ ۾ نه کڻن: مراد علي شاهه

2 Min Read

ڪراچي (آزاد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي جلال پور ڪينال منصوبي تي اعتراض آهي، جڏهن ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪيو آهي، پر آبي معاهدي تحت هر صوبو پنهنجي حصي جو پاڻي وٺڻ جو حق رکي ٿو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ سميت ملڪ جا ٽي صوبا ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جڏهن ته وزيراعظم جي خواهش هئي ته اگهه ساڍا 3 هزار رپيا في مڻ هجي.

مراد علي شاهه چيو ته ساڍا 3 هزار رپين جي اگهه سبب سنڌ ۽ پنجاب وڏي پيماني تي ڪڻڪ خريد نه ڪري سگهيا. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جڏهن ته سنڌ کي لڳ ڀڳ 17 لک ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي.

وڏي وزير چيو ته ٻاهران ڪڻڪ درآمد ڪرڻ سان مقامي هارين کي نقصان پهچندو، جڏهن ته ڪڻڪ جي فراهمي بابت وفاق سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيون.

سندس چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ سبب ڪجهه مسئلا ضرور پيش اچي رهيا آهن.

گم ٿيل ٻارن بابت سوالن جا جواب ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته جن جا ٻار گم آهن، انهن جي تڪليف جو کيس مڪمل احساس آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو قانون هٿ ۾ نه کڻن، ڇو ته سنڌ حڪومت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ قانون موجب قدم کڻي رهي آهي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صوبي جو گهرو وزير ذاتي طور تي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي واري معاملي جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment