نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) نيشنل هاءِ وي تي ممي ڪنڊي اسٽاپ ڀرسان روڊ تعمير ڪندڙ ڪمپني جي عملي ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ تڪرار کانپوءِ نيشنل هاءِ وي ٻن ڪلاڪن تائين بند رهيو، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.
ڳوٺاڻن موجب، 15 ورهين جو شاگرد علي حيدر ڪلهوڙو، جيڪو اسڪول وڃڻ لاءِ روڊ ڪراس ڪري رهيو هو، تنهن تي روڊ تعمير ڪندڙ ڪمپني جي عملي روڊ ڪراس ڪرڻ واري معاملي تان مبينا طور لوهه جي سريي سان حملو ڪيو، مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب هو رتورت ٿي ويو. وارثن جي پهچڻ تي ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
واقعي کانپوءِ ڪمپني جي عملي هڪ طرف کان ۽ ڳوٺاڻن ٻئي طرف کان نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ سخت متاثر ٿي. ڊي ايس پي نوشهروفيروز پوليس نفري سميت پهچي ٻنهي ڌرين سان ڳالهيون ڪري ٻن ڪلاڪن بعد روڊ کولرايو.
احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن الزام هنيو ته ايس ايڇ او سندن زخمي نوجوان جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بدران روڊ تعمير ڪندڙ ڪمپني جي حمايت ڪري رهيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ٻيهر نيشنل هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو.


