اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ورلڊ بينڪ پاڪستان کي قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جي موجوده فارمولي تي نظرثاني ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
اداري جو چوڻ آهي ته وسيلن جي ورهاست آبادي بدران صوبن جي مالي ضرورتن، غربت، پسماندگي ۽ آمدني پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جي بنياد تي ڪئي وڃي.
رپورٽ ۾ گڏيل جي ايس ٽي نظام، صوبن ۾ ٽيڪس وصولي بهتر بڻائڻ، مقامي حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ وفاقي توڙي صوبائي مالياتي نظام ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ورلڊ بينڪ ”پاڪستان ۾ مالياتي وفاقيت کي مضبوط بڻائڻ“ جي عنوان سان پنهنجي رپورٽ جاري ڪندي اهڙي سفارش ڪئي آهي.
ورلڊ بينڪ نشاندهي ڪئي ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت جون مالي ذميواريون گهٽ ناهن ٿيون جڏهن ته وسيلن جو وڏو حصو صوبن کي منتقل ڪرڻ سان وفاق مالي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي.
رپورٽ موجب، صوبا پنهنجي ٽيڪس اوڳاڙي جي صلاحيت مان پورو فائدو ناهن وٺي رهيا، زرعي آمدني تي ٽيڪس ۽ ملڪيت بابت اوڳاڙيون به گهٽ آهن، مقامي حڪومتون مالي طور تي ڪمزور ۽ صوبائي حڪومتن تي ڀاڙين ٿيون.
ورلڊ بينڪ سفارش ڪئي ته تعليم، صحت، ماحوليات، اوڳاڙين ۾ واڌ، گورننس ۽ مقامي حڪومتن جي ڪارڪدگي کي ماپڻ جوڳن هدفن سان مشروط مالي سهڪار سان ڳنڍيو وڃي جڏهن ته وفاق ۽ صوبا ٽيڪس نظام ۾ هم آهنگي پيدا ڪري مالياتي وفاقيت کي اثرائتو بڻائين.


