نوشهروفيروز ۾ پوليس ڀرتين جا ويٽنگ اميدوار آفر آرڊرن لاءِ سراپا احتجاج

1 Min Read

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهروفيروز ۾ پوليس ڪانسٽيبل ڀرتين لاءِ 2024ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويٽنگ اميدوارن نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.
مظاهرين عاشق ڪورائي، خالد مبيجو، آدم علي ٻگهيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنن ٽيسٽ ۾ 80 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيون، پر پوءِ به کين ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو آهي.
هنن دعويٰ ڪئي ته هوم منسٽر ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ويٽنگ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ جون خاطريون ڪرايون ويون هيون، پر اڃا تائين ڪو عملي قدم نه کنيو ويو آهي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته کين فوري طور آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
اميدوارن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته هو سي ايم هائوس اڳيان سخت احتجاج ڪندا، جنهن جي ذميواري حڪومت تي هوندي.

Share This Article
Leave a Comment