ميهڙ ۾ ناري سونهن کوسو جو قتل يا آپگهات؟ پوليس پاران جاچ تيز

1 Min Read

ميهڙ (رپورٽر) دادو جي تعلقي ميهڙ ۾ 16 ورهين جي ناري سونهن کوسو جي مبينا آپگهات واري معاملي ۾ نئين اڳڀرائي ٿي آهي.
بي سيڪشن پوليس موجب ناري جي سيني ۾ بندوق جو فائر لڳو هو، جڏهن ته واقعي ۾ استعمال ٿيل بندوق هٿ ڪري فارينزڪ جاچ لاءِ موڪلي وئي آهي.
پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون پڻ گڏ ڪيون آهن ۽ مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.
ايس ايس پي دادو صدام حسين خاصخيلي موجب ايس ايڇ او کي تفصيلي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ جلد وڌيڪ اڳڀرائي سامهون ايندي.
ٻئي طرف ميهڙ اسپتال انتظاميا پوسٽ مارٽم رپورٽ ليبارٽري اماڻي ڇڏي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اٽڪ پمپ ڀرسان سونهن کوسو جي موت کي وارثن گهريلو اڻبڻت سبب آپگهات قرار ڏنو هو، جڏهن ته پوليس اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته واقعو آپگهات آهي يا قتل.

Share This Article
Leave a Comment