ميرپورخاص (رپورٽ: امجد خاصخيلي) ميرپورخاص جي تعلقي جھڊو جي علائقي گونڪ موري جي رهواسين مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارن ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري گهرن تي مبينا قبضي خلاف آواز اٿاريو.
نور خان کوسو ۽ حسينا جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ احتجاج دوران مظاهرين الزام هنيو ته علائقي جا بااثر ماڻهو محبوب علي ۽ حاڪم علي لغاري سندن گهرن تي مبينا قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته کين رهائشي گهر ڊاهڻ ۽ زبردستي بي دخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
متاثر خاندانن جو چوڻ هو ته کين ۽ سندن گهرڀاتين کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته هراسان ڪرڻ لاءِ سندن خلاف ڪوڙا ايف آءِ آر داخل ڪرايا ويا آهن، جنهن سبب سڄو خاندان خوف ۾ مبتلا آهي.
مظاهرين چيو ته هو ڪيترن ئي سالن کان آباد آهن، پر بااثر ماڻهو پنهنجي اثر رسوخ وسيلي کين بي گهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هنن ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ کين جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪندا.

ميرپورخاص: گهرن تي مبينا قبضي خلاف عورتن ۽ ٻارن سميت متاثر خاندانن جو احتجاج
Leave a Comment Leave a Comment

