واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ بندي ۾ واڌ واري معاهدي تي فيصلو في الحال مؤخر ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي اخبار ‘نيويارڪ ٽائمز’ موجب، ايران جي معاملي تي صدر ٽرمپ جي صدارت هيٺ وائيٽ هائوس جي سچوئيشن روم ۾ 2 ڪلاڪن تائين اهم اجلاس ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويو. وائيٽ هائوس اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ صرف اهو معاهدو قبول ڪندو جيڪو آمريڪي شرطن تي پورو لهندو، ڇاڪاڻ ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا. ان کان اڳ صدر ٽرمپ ايران جي بحري ناڪابندي ختم ڪندي هرمز لنگهه مان بارودي سرنگهون هٽائڻ جو اعلان ڪيو هو.


