هنڱورجا: مبينا ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

1 Min Read

هڱورجا (رپورٽر) هڱورجا ٿاڻي جي حد، درگاهه پير غاريبو جي ويجهو هٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري 20 سالن جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

معلومات موجب، 20 سالن جو نوجوان ممتاز مارواڙي پنهنجي زرعي زمين ۾ ووئڻن جي گڏ ڪرڻ لاءِ ويو هو، جتي هن پنهنجي موٽرسائيڪل رستي تي بيهاري.

ان دوران اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل زبردستي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوان ممتاز مارواڙي پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

فائرنگ بعد هٿياربند موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

واقعي کانپوءِ مقامي ماڻهن ۽ پوليس نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment