ملير پوليس جي غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪارروائي، 7 ڄڻا گرفتار

1 Min Read

ملير (شاهد حسين ڇڄڙو): ملير پوليس غيرقانوني طور پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب ايس ايڇ او ملير سٽي ۽ ايس ايڇ او ملير ڪينٽ پنهنجي پنهنجي حدن ۾ ڪارروائيون ڪندي غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي گرفتار ڪيو.

گرفتار ڪيل افغان شهرين کي وطن واپسي لاءِ لاڳاپيل ادارن حوالي ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ وڌيڪ تيزي آندي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment