پي پي ايم پي اي نعيم احمد کرل لاڏاڻو ڪري ويو

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر نعيم احمد کرل ڪينسر وگهي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

خانداني ذريعن موجب، نعيم احمد کرل ڪافي عرصي کان جگر جي ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هيو، جنهن جي علاج لاءِ کيس ماضي ۾ سنگاپور پڻ نيو ويو هو، پر هو اڄ زندگي جي جنگ هارائي ويو.

نعيم احمد کرل جو شمار پيپلز پارٽي جي وفادار اڳواڻن ۾ ٿيندو هو، جيڪو پنهنجي سياسي ڪيريئر دوران رڪارڊ پنج ڀيرا ايم پي اي چونڊيو ويو هو. سندس لاڏاڻي جي خبر پوندي ئي گمبٽ ۽ خيرپور سميت سڄي سنڌ ۾ پي پي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ عوام ۾ ڏک جي لهر ڇائجي وئي آهي. مڙھ کي مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment