اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان ايران ۽ ترڪيه جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو.
سرڪاري پڌرائي موجب وزيراعظم پنهنجي دوري جي شروعات ايران کان ڪندو، جتي هو شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ساڻس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي ڪابينا جا ٻيا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ گڏ هوندا.
وزيراعظم شهباز شريف ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان ملاقات دوران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان تعزيت جو اظهار ڪندو.
ايران جي دوري کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف، ترڪ صدر جي دعوت تي استنبول روانو ٿيندو، جتي هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
ملاقاتن دوران خاص طور واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، جڏهن ته علائقائي امن ۽ سلامتي بابت معاملن تي پڻ غور ڪيو ويندو.
استنبول ۾ ترسڻ دوران وزيراعظم جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ هڪ بزنس ڪانفرنس کي به خطاب ڪندو، جنهن جو مقصد خصوصي اقتصادي علائقن، توانائي، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ نجڪاري سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي واپاري ۽ سيڙپڪاري صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
هن ڪانفرنس ۾ ترڪيه جي ناميارن واپاري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عملدار، معزز شخصيتون ۽ ڪاروباري برادري جا ٻيا نمائندا پڻ شرڪت ڪندا.
سرڪاري پڌرائي موجب وزيراعظم جو ايران ۽ ترڪيه جو هي دورو ٻنهي ڀائر ملڪن سان پاڪستان جي تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.


