اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايوانِ صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي، جنهن دوران وزيراعظم صدر کي يومِ آزادي جي مبارڪباد ڏني.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرِ داخلا محسن نقوي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ سينيٽر شيري رحمان پڻ موجود هئا.
وزيراعظم صدر کي مڪي مڪرمہ ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل تاريخي ٽه طرفي امن معاهدي بابت آگاهه ڪيو. صدر آصف علي زرداري دفاعي سهڪار، علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ معاهدي تي مؤثر عملدرآمد جي اميد ظاهر ڪئي.
صدر زرداري سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط تزويري ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو.
ملاقات دوران دهشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.
صدر موجوده علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام کي معاشي مشڪلاتن مان رليف ڏيڻ، ضروري شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ مناسب اگهن تي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ تي پڻ زور ڏنو.


