آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪٻيائينداسين: وزيراعظم

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف يومِ آزادي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران ڏکين مرحلن مان گذري مستحڪم معيشت جو هدف حاصل ڪيو، جڏهن ته پاڪستان هاڻي ترقي يافته معيشت جي منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي.

هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۽ بزرگن جي لازوال قربانين سبب آزاد وطن جو خواب ساڀيان ٿيو. پاڪستان جو آئين ۽ قانون سمورن شهرين جي حقن جو ضامن آهي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر تابناڪ مستقبل ڏانهن جاري آهي.

وزيراعظم موجب گذريل ٻن سالن دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي موڪليل ناڻي ۾ 11.3 ارب ڊالر اضافو ٿيو آهي.

شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي دفاع کي ناقابلِ تسخير ثابت ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قرباني کان دریغ نه ڪندو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان اڄ دنيا ۾ مضبوط، پرعزم، باوقار ۽ امن جي توانا آواز طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ علائقائي سهڪار جي فروغ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment