اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجيٽ 27-2026 تي پنهنجي اتحادي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جا خدشا اڃا تائين مڪمل طور تي ختم ناهي ڪري سگهي.
ذريعن موجب، ٻنهي ڌرين جي بجيٽ ٽيمن وچ ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه، نويد قمر ۽ شيري رحمان پڻ شرڪت ڪئي.
حڪومتي ٽيم پي پي کي ايندڙ بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي تي بريفنگ ڏني ۽ ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پر ترقياتي منصوبن تي پي پي جا خدشا اڃا به برقرار آهن.
ٻئي طرف، حڪومت 5 جون تي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا هاڻي 10 يا 12 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاق بلاول ڀٽو زرداري سان مشاورت تائين بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.
بلاول ڀٽو 5 جون تائين گلگت بلتستان جي چونڊ مهم ۾ مصروف آهي، جڏهن ته حڪومت چاهي ٿي ته هو بجيٽ واري ڏينهن قومي اسمبلي ۾ موجود هجي.
بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ ڪهڙا منصوبا هوندا، اهو معاملو پڻ اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو.

وفاقي بجيٽ: حڪومت پيپلز پارٽي جا خدشا ختم نه ڪري سگهي، بجيٽ ۾ دير جو امڪان
Leave a Comment Leave a Comment

