ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرن اڄ ڇنڇر 8 آگسٽ کان ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ موجب جمعي ڏينهن وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن سان ڳالهيون ٿيون، پر ٽرانسپورٽرن جا پراڻا مطالبا حل نه ٿي سگهيا، جنهن سبب هڙتال جو فيصلو برقرار رکيو ويو آهي.
ڳالهين ۾ وفاقي حڪومت طرفان مواصلات وارو وزير، سيڪريٽري مواصلات، چيئرمين اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽر ويز، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان ڪمشنر ڪراچي، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز ۽ ٽريفڪ کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا.
ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته حڪومتون مطالبن جي حل لاءِ سنجيده نظر نه آيون، تنهن ڪري اڄ کان اڻ اعلانيل مدي لاءِ ملڪ گير هڙتال ڪئي ويندي.


