( ويب ڊيسڪ ) ايران جَي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات سڌي طرح ايران مخالف ڪاررواين ۾ ملوث رهيو آهي، يڪجهتي خاطر اڳ ۾ يو اي اي جو نالو نه ورتو ويو، پر جڏهن ايران تي حملا شروع ٿيا ته گڏيل عرب امارات مذمت به نه ڪئي.
هن چيو ته يو اي اي کي ايران بابت پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
برڪس اجلاس کي خطاب ڪندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته وقت اچي ويو آهي ته آمريڪي غنڊه گردي کي تاريخ جي ڪچرا ڪُنڊي ۾ اڇلايو وڃي، آمريڪي دٻاءُ خلاف مزاحمت ڪا نئين جنگ ناهي، ڪيترين ئي قومن مختلف شڪلين ۾ اهڙي جبر کي برداشت ڪيو آهي، هاڻي گڏيل طور اڳتي وڌڻ جو وقت آهي.
ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته هن وڌيڪ چيو ته زوال پذير سلطنتون پنهنجي انجام کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿيون، تنهن ڪري دنيا کي هن گڏيل ۽ خطرناڪ چئلينج کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي۔


