پيپلزپارٽي جي حمايت کانسواءِ آئيني ترميم منظور نٿي ٿي سگهي: بلاول ڀٽو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کانسواءِ نه آئيني ترميم ناممڪن آهي ۽ نه ئي بجيٽ جي منظوري، حڪومت اڃا تائين نئين آئيني ترميم بابت پيپلز پارٽي سان رابطو ناهي ڪيو.

پارليامينٽ هائوس ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  جڏهن ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ۾ پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

 هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي مشڪلاتون وڌي رهيون آهن تنهن ڪري حڪومت کي ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي، خاص طور موٽر سائيڪل استعمال ڪندڙن ۽ هارين لاءِ سهولتون وڌايون وڃن.

 هن وڌيڪ چيو ته قومي معاملن، ڀارت سان تڪرار ۽ ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ دوران پيپلز پارٽي هميشه حڪومت سان گڏ بيٺي آهي، جڏهن ته نيب بابت پارٽي جو موقف آهي ته نيب ختم ٿيڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت واعدا پورا نه ڪيا ته پيپلز پارٽي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي، بجيٽ بابت تجويزن لاءِ راجا پرويز اشرف، سليم مانڊوي والا، شيري رحمان ۽ نويد قمر تي ٻڌل چار رڪني ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي۔

Share This Article
Leave a Comment