لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مشهور يوٽيوبر علي حيدرآبادي کي پنهنجي اڳوڻي زال تي مبينا تشدد واري ڪيس ۾ عدالت طرفان عارضي رليف ملي ويو آهي. ايڊيشنل سيشن جج سندس عبوري ضمانت منظور ڪندي پوليس کي 14 جولاءِ تائين کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ علي حيدرآبادي کي جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ ۽ پوليس آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. ايندڙ ٻڌڻي تائين سندس گرفتاري نه ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
علي حيدرآبادي خلاف سندس اڳوڻي زال زينب علي جي شڪايت تي مبينا تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. گرفتاري جي خدشي سبب هن سيشن ڪورٽ ۾ عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.
هي معاملو ان وقت سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيو جڏهن هڪ لائيو وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ علي حيدرآبادي پنهنجي زال کي طلاق ڏيندي نظر آيو. ان کان پوءِ زينب علي هڪ وڊيو پيغام ۾ دعويٰ ڪئي ته هوءَ گذريل ٽن سالن کان جسماني ۽ ذهني تشدد جو شڪار رهي آهي ۽ هن پنجاب جي وزيراعليٰ کان پڻ مدد جي اپيل ڪئي.
ٻئي طرف علي حيدرآبادي پنهنجي مٿان لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو ته الزام بي بنياد آهن ۽ هن وضاحت لاءِ وڊيو جاري ڪئي هئي. بعد ۾ زينب علي هڪ ٻي وڊيو ۾ سندس موقف رد ڪندي وڌيڪ الزام به لڳايا.


