ٽنڊوالهيار: (رپورٽر) عدالتي حڪم تي ضلعي انتظاميه نئين تعمير هيٺ ٽنڊو آدم روڊ تي قائم مبينا حددخلين خلاف آپريشن ڪندي ڪيتريون ئي اڏاوتون ڊاهي ڇڏيون. ڪارروائي دوران ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون، جنهن بعد پوليس 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري اي سيڪشن ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.
آپريشن دوران اسسٽنٽ ڪمشنر بابر صالح راهوپوٽو، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس جا وڏا اٽالا موجود هئا.
اسسٽنٽ ڪمشنر بابر صالح راهوپوٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته متاثر ڌرين عدالت سان رابطو ڪيو هو، عدالت کين هڪ مهيني جو وقت ڏنو هو، پر مقرر مدي اندر حددخليون نه هٽايون ويون، جنهن بعد عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪارروائي دوران ڪجهه ماڻهن انتظاميه سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي 4 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي ۽ سموري ڪارروائي قانون موجب ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن متاثر ڌر جي حاجي سجاد ميمڻ الزام هنيو ته ضلعي انتظاميه ساڻن ناانصافي ڪري رهي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته سندن وٽ زمين جا سمورا قانوني ڪاغذ موجود آهن ۽ تعمير ٿيندڙ روڊ سٽي سروي ۾ به شامل ناهي. سندس چوڻ هو ته کين عدالتن مان اميد آهي ته فيصلو سندن حق ۾ ايندو.


