امجد حسين ايڊووڪيٽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

2 Min Read

گلگت: (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه کانئس حلف ورتو.

حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير امير مقام ۽ ٻيون اهم سياسي شخصيتون پڻ شريڪ ٿيون.

تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ چيو ته 7 جون 2026ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت بڻجي سامهون آئي. هن چيو ته نوجوانن ۽ عورتن چونڊن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عوام پيپلز پارٽي کي ڀرپور مينڊيٽ ڏئي وڏي ذميواري ڏني آهي.

هن چيو ته هو انهن سمورن ماڻهن جا ٿورائتا آهن، جن پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪيو. سندس چوڻ هو ته مرڪز ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت نه هجڻ باوجود عوام پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

امجد حسين ايڊووڪيٽ پنهنجي پارٽي قيادت جو اعتماد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت جا به ٿورا مڃيا، جنهن پيپلز پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو فراهم ڪيو.

هن چيو ته گلگت بلتستان قدرتي سونهن ۽ موسم جي حوالي سان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، هتي زميني ۽ هوائي سفري سهولتن کي بهتر بڻايو ويندو، سمورن شعبن ۾ سڌارا آندا ويندا ۽ گلگت بلتستان کي پاڪستان جو ماڊل صوبو بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment