ٽنڊوالهيار (خميسو دائوداڻي): چمبڙ ڀرسان ڳوٺ ڪمال خان ملاح ۾ 24 ورهين جو نوجوان امانت علي ملاح مبينا طور نشي آور گورين جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو.
وارثن موجب نوجوان جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪري ويو.
فوتي جي ماءُ نظيران ملاح روئيندي ٻڌايو ته سندس مڙس اڳ ئي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هڪ مهينو اڳ وڏو پٽ امان الله پڻ نشي سبب فوت ٿيو هو ۽ هاڻي آخري پٽ امانت به ساڳئي سبب زندگي وڃائي ويٺو.
ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.


