ٺري ميرواهه: ميرواهه ڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ

1 Min Read

ٺري ميرواهه (رپورٽر) ٺري ميرواهه ڀرسان ميرواهه ڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو آهي.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب لاش ڪجهه ڏينهن پراڻو لڳي ٿو ۽ اڃا تائين سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته موت جو اصل سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment