گمبٽ: پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ لڳايل ڌرڻي دوران پوليس ڪارروائي ۽ پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي خيرپور ۾ وڪيلن عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪيو.
وڪيلن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور کان ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ريلي جي اڳواڻي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سيد جعفر علي شاهه، ايڊووڪيٽ سجاد احمد سولنگي، ايڊووڪيٽ فياض احمد خميساڻي، ايڊووڪيٽ غضنفر جتوئي، ايڊووڪيٽ علي احمد ميمڻ ۽ ٻين ڪئي.
مظاهري کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ويٺل پرامن مظاهرين تي پوليس لٺبازي ڪري سخت تشدد ڪيو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي.
وڪيلن وڌيڪ چيو ته پوليس پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن، جن ۾ سهڻي پارس ۽ لياقت جلباڻي سميت ٻيا شامل آهن، کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
وڪيلن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ٻين ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪري سندن خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.


